مارچ جو مهينو هلي رهيو آهي  ۽ بهار پهنجي عروج تي آهي تيز هوا هلي رهي آهي  ۽ اها هوا تمام رومينٽڪ لڳي رهي آهي هر طرف هڪ نئين زندگيء جو منظر آهي ۽ ايئن لڳي رهيو آهي ڄڻ  مئلن ۾ ساھ  پئجي ويو آهي مردار وڻ ٽڻ ٻوٽا جن کي سياري جي سرد هوائن ساڙي ڇڏيو هو ٻيهر اڀري آيا آهن پوپٽن پکين  ماکيء جي مکين ۽ ڀنڀورين ۾ سرهائي آهي ڄڻ تہ انهن کي انهيء ڏينهن جو انتظار هو .بهار ۾ بہ عجيب رنگ آهن جيئن صبح کان بعد شام اچي ٿي ۽ رات کان بعد جيئن ئي صبح جو آغاز ٿئي ٿو تہ هلڪي هلڪي سج جي روشني ماحول کي روشن ڪري ٿي تہ ان وقت بہ مئلن ۾ جان اچي وڃي ٿي ۽ پکي پکڻ سريلا آواز ڪن ٿا تڏهن تہ چوندا آهن تہ اونڌاين کان بعد روشنيون اچن ٿيون ڏکن کان بعد سک اچن ٿا ۽ ائين ماحول ۾ تبديليون اينديون رهن ٿيون پر سائين بهار جي ڇا ڳالھ ڪجي حقيقت هيء آهي تہ اهي موسمي تبديليون گلن جو ڦٽڻ ٻوٽن ۾ نئين جان اچڻ پکين جو ٻولڻ خاص ڪري  خاموشيء ۾ انهن جا سندر مٺڙا آواز  انسان کي شاعري ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا حقيقت ڪجه هن ريت آهي تہ دنيا ۾ جيڪي بہ شاعر پيدا ٿيا آهن انهن ئي قدرتي نظارن مان متاثر ٿيا آهن ۽ ڪن تہ صرف شاعري ئي قدرت جي

 ڪمالن تي ڪئي آهي وليم ورڊس ورٿ تہ پاڻ کي  شاعر ئي قدرت جو                                      بڻائي چڏيو ۽ اهڙي طرح سنڌ جو گھوٽ ڀٽائي بہ پوئتي ڪو نہ رهيو   ۽ پاڻ پهنجي شاعري ۾ انهن قدرتي نظارن مان ڏاڍو متاثر ٿيو آهي ڪا تہ شيء آهي انهن ۾ ڄڻ ڪو جادو هجي .پر ان سڄي جادوئي ۽ خوبصورت ماحول ۾ هلڪي هلڪي ڀڻ ڀڻ بہ ٻڌڻ ۾ اچي پئي تہ سائين هاڻي ڇا ٿيندو خزان کان پوء بهار ايندو آهي پر بهار کان بعد ڇا ايندو آهي تہ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي تہ سائين گرمي گرمي هر ڪنهن کي تڪڙ لڳي پئي آهي تہ گھمڻو اٿو تہ گھمي وٺو شادي براتي اٿو تہ ڪري وٺو بعد ۾ اچي رهي آهي گرمي .مطلب تہ مزو خراب گرميء جو بہ هڪڙو پهنجو مزو آهي اسان جا فصل بہ گرميء ۾ ئي پچن ٿا جيڪڏهن گرمي نہ ايندي تہ  اسان جا فصل ڪاڏي ويندا پر هر ڳاله پهنجي جاء تر اها گرمي آهي ڏاڍي ظالم تڏهن تہ مخدوم زمان طالب موليٰ چيو آهي

ويساک جو مهينو جهن ۾ لڪون ۽ جھولا                 

ڄڻ آسمان اڇليا ٿي گرم گرم گولا              

 

تہ ڳالھ پئي ڪئي سين گرميء جي گرمي اها آهي جهن ۾ ماڻهون پهنجي بت کان بيزار رهي ٿو اسان اتر سنڌ وارا تہ  اڃان بہ وڌيڪ ستايل آهيون حيدرآباد واري پاسي وري بہ ڏينهن گرم رهي ٿو پر رات ٿيندي ئي هوا هلڻ شروع ٿي ڪري مڙئي ڏينهن جهڙو تهڙو نڪري ويندو آهي پر رات جو ٿڪ لهي ٿو وڃي پر اتر سنڌ ۾ تہ آزار آهي اصل ڄڻ گرميء  جي  پراڻي دشمني آهي ئي اتر سنڌ وارن سان ڏينهن تہ ڏينهن آهي پر رات بہ شينهن آهي رات ٿيندي ئي ٻٽ ٻوسٽ جو طوفان کڙو ٿي ويندو آهي .

ان ٻوسٽ ۾ ماڻهون ويچارو ڪاڏي وڃي جتي ڪانون جي اک پئي نڪري پر هاڻي اصل مزو تہ لوڊشيڊنگ شروع ڪيو آهي جو ان جي باري ۾ سوچي ڪري لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا .اصل ۾ لوڊشيڊنگ بہ هڪڙو جن آهي جيڪو جان ئي ڪونہ ٿو چڏي ڊيڊ جن آهي جيڪو سياري ۾ تہ ڪجھ سرد رهي ٿو پر اونهاري ۾ تہ تپي باھ ٿو ٿي وڃي .هاڻي کان ئي اگر ڪنهن سان گرميء جو ذڪر ڪجي ٿو تہ سڀ کان پهريان ان بندي جي جيڪا رڙ نڪري ٿي ان ۾ آواز آهي لوڊشيڊنگ مري ويا سي هاڻي تہ ۽ اها گرمي جڏهن ايندي آهي تڏهن  وڃڻ جو نالو ئي ناهي وٺندي اها حقيقت بہ آهي مان تہ هاڻي کان ئي سنگت کي صلاح ڏني آهي تہ لوڊشيڊنگ لاء ٿيندڙ  احتجاج جي لاء سامان هاڻي کان ئي وٺي رکو پوء ايئن نہ ٿئي جو عين وقت تي ڪجھ هٿ ئي نہ چڙهي.گرمين ۾ احتجاج بہ سگھارو ٿيندو آهي جو انسان جي ڪيفيت ئي گرمين ۾ بدلجي وڃي ۽ انسان چڙچڙو ٿئي پوي گھڻا ماڻهون چوندا آهن تہ سائين اڳي ايڏي گرمي ڪونہ هوندي هئي جيتري هاڻي آهي ان ڳاله جي تصديق ڪرڻ لاء  مان ڪجھ جھونن سان مليس انهن مون کي ٻڌايو تہ اها ڳاله سراسر غلط آهي گرمي ساڳي ئي آهي بابا پر ماڻهن جي سهپ گھٽجي وئي آهي هاڻي ائرڪنڊيشن مهن ڪارو ڪيو آهي جو اسان کان گرمي برداشت ئي ڪونہ ٿئي ٿي ۽ وري جيڪو اسان لائٽ تي هريا آهيون ان اسان جي سهپ گھٽائي ڇڏي آهي توهان ڏسو انهن ماڻهن کي جيڪي روڊن تي  پيا آهن ڪکاون گھرن ۾ انهن کي پرواھ ئي ڪونہ آهي .ها سائين ها مڃون ٿا پر ڇا ڪريون ڪاڏي وڃون اسان بہ اڳو پوء لائٽ ڪٽرائي پريڪٽس شروع ڪريون ڇا .گرميء جي خاص ڳالھ اها بہ آهي تہ تعليم کاتي وارن کي ان مان سٺو فائدو آهي ۽ شاگردن کي ويڪيشن بہ ٿئي ٿي باقي ٻيو عوام ويل ۾ آهي هاڻي تہ رمضان شريف بہ گرمين ۾ پيو اچي پر اهي سڀ ڳالهيون پهنجي جاء تي حقيقت ۾ موسمون تہ الله تعالي جون پيدا ڪيل آهن اهي تہ ان مالڪ جون حڪمتون آهن جهئن جي ڪارخاني ۾ ڪا شِيء بيڪار ڪونهي اصل ۾ ان ۾ اسان جون ڪوتاهيون آهن ن تہ عرب ملڪ اسان کان وڌيڪ گرم آهن ۽ انهن جا سمنڊ بہ تمام گھڻا گرم آهن پر اتي اهڙو ڪو بہ مسئلو ڪو نہ آهي اسان جو ملڪ جتي سمنڊ بہ ٿڌو آهي پر اسان جو سمنڊ ڪجھ ايراضيء کي ڇڏي باقي بيڪار پيو آهي اسان جي سنڌ ۾ ڪافي ٿڌا علائقا آهن جيڪي بيڪار پيل آهن جيئن گورک ۽ ڪتي جي قبر چوڻ جو مقصد اهو تہ ڪوتاهيون اسان ۾ آهن قدرت جي ڪارخاني ۾ ڪائي شِيء بيڪار ڪونهي

پر جيستائين اسان سڌرون ۽ ڪا بهتري اچي تيستائين هڪڙي ڀڻ ڀڻ وري ٻڌڻ ۾ اچي پئي تہ اچي رهي آهي گرمي گرمي .  

 

 

تعليم انسان جي ٽرين اک آھي بدليل دور ء حالتن ۾ انسان علم کان سواء بيڪار آھي سڄي دنيا ۾ نيون نيون ايجادون ٿئي رھيون آھن

ء دنيا ھڪ گلوبل وليج بڻجي چڪي آھي بدليل دور ۽ حالتن ۾ ھاڻي اچوتہ سنڌ جي تعليم تي ھڪ نظر وجھون .ھن وقت سنڌ جي تعليم ڇا آھي ويران اسڪول ۽ ڪاليجون سڄو علم ڪاپيء جي نظر ھن وقت اسان جيڪا تعليم سان ويڌن ڪئي آھي ان جو بنيادي سبب اھو آھي تہ ھر ھڪ جي ان سسٽم ۾ جان آجي آھي استادن جي بہ ۽ شاگردن جي بہ ۽ مائٽرن جي بہ  استادن کي خبر آھي تہ پڙھايون يا نہ ڳالھ ساڳي آھي ڪھڙو فائدو ان پڙھائڻ کان تہ بھتر آھي تہ وڃي ٻيوڪو ڪم ڪار ڪجي يا اسڪول وڃ جي ئي نہ نوڪري سرڪاري پگھار سرڪاري  سا پئي ملندي .۽ شاگردن جو موقف ان ماملي ۾ اھو آھي تہ اسڪول وڃون يا نہ وڃون ڳاله ساڳي آھي استاد پڙھائن ڪونہ ٿا ۽ وري ھونئن بہ ڪاپي زنده باد ڪھڙو اسڪول نہ وڃڻ سان اسان جو امتحان جو فارم رد ٿيندو يا وري اسان کي امتحام ۾ نہ ويھڻ ڏيندا بدقسمتي سان اھا ويڌن سرڪاري اسڪولن ۾ آھي اسان جا پرائيويٽ ادارا ان ويڌن کان بچيل آھن جتي مائٽ ڪجھ روپيا ڀرن ٿا تہ انھن کي اھو احساس ٿئي ٿو ۽ ھاڻي اچو تہ مائٽرن ۽ سول سوسائٽئ تي ھڪ نظر وجھون حقيقت اھا آھي تہ اسان تعليم جو اصل مقصد سمجھي ئي نہ سگھيا آھيون اسان وٽ تعيم ھڪ شعور جو نالو نہ آھي بلڪ نوڪري وٺڻ جو نالو آھي  شروع کان وٺي اسان اھا ڳالھ ڪندا آھيون تہ جيڪڏھن پڙھندين نہ تہ نوڪري ڪٿان ملندئي اسان جي سول سوسائٽي ھن وقت نوڪرين جو حال ڏسي ۽ ماحول ڏسي ھر شيء ٺيڪ آھي چئي بس ڪري ويھي رھي آھي جڏهن انهن جي مٿي تي ڪائي پريشاني ئي ڪان آھي ۽ شاگردن تي بہ تہ هو ڇو ڪجھ ڪندا مثال جي طور تي جڏھن مفت ۾ ٻار اسڪول ۾ پاس ٿين پيا تہ هو ڇو اعتراض ڪندا .هاڻي اچو تہ  ان معاملي سان پيدا ٿيندر نقصانن جو جائزو وٺون جيڪڏھن اسان سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ناانصافين جي باري ۾ سوچون تہ ڪاٿي نہ ڪاٿي وڃي اسان انهيء تعليم جي تباهي طرف ئي اينداسين علم ھڪ نئين سوچ کي جنم ڏيندو آھي ھڪ نئون شعور انسان جي اندر ۾ پيدا ٿيندو آھي ڪٿي نہ ڪٿي اسان کٽل آھيون جو اسان پهنجي تعليم کي تباھ ڪيو آهي ھن ڪاپي ڪلچر ۽ ميرٽ جي قتل عام ۾ ڀلا علم ڪيڏانهن وڃي اسان جا اسڪول خاص ڪري  سرڪاري اسڪول جتي غريب ٻارڙا علم پرائن ٿا تباھ پيا ٿين ۽ ڪي تہ بند پيل آھن ۽ يونيورسٽين جو حال اهو آهي جو اتي ڪا بہ نئين کوجنا ۽ تحقيق ڪان پئي ٿئي ۽ هڪ مخصوص سيليبس پيپر نڪرڻ جِهڙو پڙهايو پيو وڃي . نئين ۽ بدليل دنيا سان ڇا اسان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي هلڻ جهڙا آهيون تہ جواب ملندو بلڪل بہ ڪونہ .سڄي دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالجي انٽرنيٽ حيران ڪن حد تائين نوڪرين ۽ تعليم جي ذريعن کي بدلائي ڇڏيو آهي .هاڻي توهان سڄي دنيا ۾ جتي چاھيو گھر ويٺي نوڪري ڪري سگھو ٿا ۽ پڙهي بہ سگھو ٿا هاڻي دنيا ۾ ڪافي اهڙا ادارا آهن جيڪي آن لائن ايجوڪيشن آفر ڪن ٿا ۽ انهي طرح آن لائن جاب بہ آمريڪا ۾ فلائٽ ۽ ريلوي جي ٽائمنگ اسان پاڪستان ۾ ويهي ڏئي سگھون ٿا ۽ هتي اهڙا ڪال سينٽر آهن بہ جيڪي اهو ڪم ڪن ٿا ۽ اهڙي طرح ڪتابن ۽ ريڪارڊ جي ڊيٽا انٽري پڻ آن لائن ڪري سگھجي ٿي بلڪہ هاڻي تہ هر فيلڊ انٽرنيٽ جي وسيلي سان پهنجو بزنس وڌائي  پئي ڊاڪٽر سڄي دنيا ۾ آن لائن

چيڪ اپ ڪن ٿا انجينئر آرڪيٽيڪٽ سڄي دنيا ۾ پهنجون آن لائن سروسز ڏين پيا ۽ ٻيا بہ اهڙا ڪافي فرمز آهن مثال جي طور تي ڪجھ عرصو پهريان مهنجو اسلام آباد وڃڻ ٿيو اتي ڪجه مولوي حضرات آن لائن قران پاڪ پڙهائي رهيا هئا ۽ انهن جا ڪسٽمر سڄي دنيا ۾ هئا ۽ تمام بهترين رقم ڪمائي رهيا هئا ۽ اهو بہ تمام گهٽ سيڙپ ۾ صرف هڪ ڪمپيوٽر ويب ڪيم ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي  اهري طرح اسان بہ انٽرنيٽ تي سنڌي اردو ۽ ٽيوشنز پڙهائي سگھون ٿا ۽ هر قسم جي سروس ڏئي سگھون ٿا ۽ سڄي دنيا هن وقت چاهي پئي تہ اسان مختلف سروسز انڊيا ۽ پاڪستان کان وٺون ان جو بنيادي سبب هي آهي تہ اسان جي ڪرنسي گھٽ آهي ۽ سموري دنيا کي هتان سروس وٺڻ سستي ٿي پوي ان جو مثال انڊيا ۽ پاڪستان ۾ موجود سافٽ ويئر هائوسز ۽ ڪال سينٽر آهن .هن وقت انڊيا تہ ان شعبي ۾ پوري صنعت کي ڊيولپ ڪري چڪو آهي ۽ ساڳي وقت پاڪستان م بہ ان شعبي ۾ ڪم ٿي رهيو آهي پر ضرورت آهي اسان کي اڃان اڳتي وڌڻ جي جيئن اسان هر شعبي ۾ پهنجون سروسز ڏئي سگھون ۽ هن وقت اسان پوري دنيا ۾ آئيڊيل آهيون پر ان جي لاء اسان کي پهنجي تعليم کي بہ بين الاقوامي ليول جو بنائڻو پوندو ۽ هن وقت جيڪا اسان جي حالت آهي اها هي آهي تہ اسان ٻين صوبن کان بہ تعليم ۾ پوئتي آهيون تہ هن وقت اسان جي لاء چئلنجز وڌي رهيا آهن پهريان اسان لاء ملڪي چئلنجز هئا پر  هن وقت بين الاقوامي چيلنجز آهن ايترن وڌندڙ چئلنجز ۾ اسان اڳتي وڌڻ جي بدران پوئتي وڃي رهيا آهيون  اسان وٽ حالت هي آهي تہ يونيورسٽيون ٻہ ٻہ  مهينا بند آهن  ۽ ڪوئي پڇڻ وارو ئي نہ   آهي اسان سمورن کي ان باري ۾ ضرور سوچڻ کپي ڪنهن شاعر ڪهڙو نہ بهترين شعر چيو آهي

علم سان پيار مهنجو آ                        

قلم هٿيار مهنجو آ                         

ڪري علم حاصل سمجھو تہ ڄڻ                  

سڄو سنسار مهنجو آ                          

 

امن امان کان سواء ڪنهن معاشري جي اسرڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو سوال ئي پيدا ڪو نہ ٿو ٿئي امن جي تلاش ۾ رهڻ هر انسان جي فطرت آهي امن جو نہ هجڻ انسان کي مفلوج بڻائي ٿو ڇڏي ڇو تہ تعليم ڪاروبار تفريح  ۽ هر قسم جي معاشرتي رابطي لاء امن امان جو هجڻ لازمي آهي. ۽ رياست جي پهرين ذميواري بہ اها ئي آهي تہ اها امن امان کي قائم ڪرائي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ اسان جي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جو امن امان ڪيتري عرصي کان وٺي سڌرڻ جي بجاء بگڙندو ٿو وڃي ۽ ڏوهن جي وارداتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو ٿو وڃي. سنڌ ۾ روايتي طور ڪارنهن وسيلي عورتن جو مارجڻ، جرڳا ٿيڻ ۽ برادري جي جهيڙن ۾ ڳڀرو نوجوانن جا لاش روزانو ڪنهن نه ڪنهن شهر يا ڳوٺ ۾ اچڻ تي به ان پوليس جو کاتو ڪو چڱو ظاهر ناهي ٿيو، ڇو ته هر جاءِ تي مصلحتن جو معاملو سامهون اچي ٿو. هتي هاڻ مصلحتن جون قبرون ٺاهي ان ۾ قانون جي روح کي دفنائي مٿان ”ڊيل جا گل“ چاڙهيا وڃن ٿا . امن امان جنهن جي لاء پوليس جو کاتو ذميوار آهي ان کاتي ڏوهن کي  مفاحمت جي مدد سان  هڪ منافعي بخش ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي .عام طور تي اغوا ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ پوليس سڳوري ئي وچ ۾ پئي ڊيل ڪرائيندي آهي .هڪ طرف اسان جي ٻهراڙين جي اها حالت آهي تہ اتي اغوا ڦرون قبيلائي تڪرار روز جو معمول بڻجي ويا آهن تہ وري ٻئي طرف اسان جي شهرن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ اسٽيٽ ڪرائم ٻتاخوري عام جام هلي رهي آهي ۽ اهو سڀ ڪجھ عظيم تي مفاد خاطر مفاحمت جي ڪري ٿي رهيو آهي ..پران سڄي عمل ۾ نقصان ڪنهن جو ٿي رهيو آهي اسان جيڪڏهن مجموعي طور تي سنڌ جي امن امان تي نظر وجھون تہ ان مصلحتن جي ماريل قانون اسان کي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي سنڌ تہ اها ڌرتي آهي جتي امن جي پياسا ورهين جا پنڌ ڪري اچي هت ساھ پٽيندا هئا بيسروسامان مسافر سنڌ ۾ گھمندا وتندا هئا ۽ انهن کي جيء ۾ جايون ملنديون هيون پرديسي پکين وانگر الائي ڪيتريون قومون امن جي آس ۾ ورهين کان سنڌ ۾ اينديون رهيون آهن ۽ انهن کي هت اهڙو سڪون ميسر ٿيندو هو جو انهن کان سمورو جهان وسري ويندو هو پر هنن مصلحتن جي بازار اسان کي ڪٿي پهڇائي ڇڏيو آهي هي ڇا ٿي رهيو آهي هن سونهاري سنڌ ۾ نہ کٽندڙ ڪانوائن جو سسٽم رات ٿيندي ئي هتان جا روڊ رستا ويران ڪانوائن جي ڊگھين قطارن پٺيان پوليس موبالين جون لائٽيون هتان جا علائقا هڪ ٻئي جي لاء نوگو ايريا بڻيل  جتي صبح جو ڪنهن بہ ماڻهون کي گھران نڪرندي شام جو موٽي گھر اچڻ جو ڪو بہ يقين ڪو نہ هوندو آهي جتي گھمندي ڦرندي ڪنهن بہ انسان جي ڪائي گارنٽي ناهي جو ان جي جان مال ڪجھ  دير کان بعد ان وٽ هوندو بہ يا ڪو نہ ڇو تہ هتي قانون تمام سستو آهي سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن ۾ ڪرندڙ لاشون تہ ڪنهن ليکي ۾ ئي ڪو نہ آهن ڇو تہ ان جي داد ۽ فرياد تہ آهي ئي ڪونہ سوين لاشون ڪرڻ ڪان بعد مصلحت جي هڪ تمام وڏي  منڊي لڳندي آهي جنهن ۾ ڪجھ ڀوتار ويهي آخر ۾ اهو فرمان جاري ڪندا آهن تہ بابا 20 ماڻهون اوهان جي ڌر جا مارجي ويا ۽ 20 ماڻهون ٻئي ڌر جا حساب برابر ٿي ويو يا اگر ڪجھ حساب ڪتاب ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي آهي تہ پوء کڻي اها فتوي جاري ٿيندي آهي تہ ٻہ چار ماڻهون وڌيڪ مرڻ جو معاوضو ٻہ چار لک ادا ڪيو ويندو آهي ۽ فتوي کان بعد سڀني ڏوهارين کي عام معافي ڏني ويندي آهي بلڪہ ڏهن ڏهن انسانن جا قاتل بہ کير ۾ ڌوپجي ويندا آهن ڄڻ انهن ڪو بہ گناه ڪيو ئي ڪو نہ هو .ايئن ٻہ چار ڏينهن وري انتظار ڪيو ويندو آهي ٻئي منڊي لڳڻ جو وري ڪجھ عرصي کان بعد رت جي راند ٻيهر ڪر کڻندي آهي پهريان تہ سڀ ڀوتار ويهي ان جو تماشو ڏسندا آهن .هڪ پاسي اهي راند جاري رهندي آهي تہ ٻئي پاسي اهي ڀوتار ۽ چونڊيل نمائندا  پوليس تي بہ هٿ رکندا ايندا آهن تہ اوهان وچ ۾ نہ پئجو اسان پاڻئي صلح ڪرائي ڇڏينداسين بدقسمتيء سان اسان جي پوليس بہ سياسي ٿي چڪي آهي ۽ سياست تي مڪمل ڪنٽرول انهن ئي ڀوتارن جو آهي جن جي وري رياست سان مفاحمت ٿيل آهي ان سبب جي ڪري قانون ويچارو مجبور آهي پر ان مجبوريء اسان جي معاشري کي بيوس بڻائي ڇڏيو آهي .اسان جي ٻارن کي هٿن  ۾ ڪتابن جي بجاء   هٿيار آهن اسان جون زندگيون مفلوج بڻجي ويون آهن اهي ٻار جيڪي قبيلائي جهيڙن جي نظر ٿي رهيا آهن انهن جي تعليم ۽ ذهني اوسر تيزيء سان تباه ٿي رهي آهي ۽ اڳتي هلي اهي يقينن ڏوهن ۾ ملوث ٿي رهيا آهن .اها مصلحت جيڪا ڪنهن جي قتل ٿيڻ کان بعد انصاف ڪرڻ ڪو نہ پئي ڏي مقتول جي يتيم ٻارن ۽ بيواهن جي دلين ۾ زبردست نفرت ۽ بدلي جي باھ کي جنم ٿي ڏي ۽ پوء هر هٿ ۾ هٿيار ڏسڻ ۾  پيو اچي مصلحت جي مارڪيٽ اسان جون زندگيون متاثر ڪري ڇڏيون آهن ۽ هڪ زبردست احساس محرومي جنم وٺي رهي آهي .جيڪو ڏاڊو سو گابو وارو ڪلچر اسان ۾ عام ٿي ويو آهي جيڪڏهن اسان ٿڌي دماغ سان سوچون تہ ڇا اهي مفاهمتون ڪنهن مقتول سان انصاف ڪري رهيون آهن انهن جي پونيرن جو ڪهڙو حال پيو ٿئي .اسان جي سنڌ جو جهڙو حشر ٿي رهيو آهي .اسان جي سڃاڻپ ئي ختم ٿي رهي آهي .اسان وٽ پوليس جي سياسي هجڻ ۽ سياست تي وڏن هٿن جو قبضو هجڻ ڇا ٿو ظاهر ڪري ضرورت ان ڳاله جي آهي تہ پوليس کي غير سياسي بڻايو وڃي ۽ جنهن کي بہ اسان ووٽ ڏيون ان کان اهو واعدو وٺون تہ اهي اقتدار ۾ اچي پوليس کاتي کي مصلحت کان پاڪ ڪرائيندا ۽ قانون ۾ ڪنهن بہ قسم جي مفاحمت نہ  ڪئي ويندي .پوء ئي اسان سک جو ساه کڻي سگهون ٿا.نہ تہ اسان روز جيئنداسين روز مرنداسين اسان جون زندگيون هاڻي کان بہ بدتر ٿي وينديون.

اسان جنهن دور ۾ هلي رهيا آهيون اهو دور سائنس ۽ ٽيڪنالوجيء جو دور آهي .۽ دنيا تيزيء سان تبديليء جي طرف وڌي رهي آهي هر شعبي کي ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجيء  تبديل ڪري ڇڏيو آهي . اها تبديلي دنيا ۾  1944 ۾  پهرين مڪمل ڪمپيوٽر مارڪ ون جي ايجاد کان بعد شروع ٿي سڀ کان پهريان اهو ڪمپيوٽر ڳڻپ ۽ بزنس جي لاء ٺاهيو ويو  پر  بعد ۾ هر شعبي ۾ ڪمپيوٽر استعمال ٿيڻ لڳومثال جي طور تي  ميديڪل سائنس ،بينڪ،رجسٽريشن اٿارٽيز، ايجوڪيشن ،انٽرٽينمينٽ  وغيره . پر ان ۾ تيزي 1993 ۾ انٽرنيٽ جي ڪمرشل ٿيڻ  کان بعد شروع ٿي ۽ دنيا حيرت انگيز طور تي انٽرنيٽ جي طرف وڌڻ لڳي  ۽ هر شعبو  انٽرنيٽ تي پهنجي سروسز ڏيڻ لڳو پوسٽ جي جڳھ  تي اي ميل اچي وئي عام بزنس جي جڳھ  تي آن لائن بزنس اچي ويو ۽ اهڙي طرح پراڻي بينڪنگ جي جڳھ  تي آن لائن بينڪنگ متعارف ٿي سڀئي سهولتون انٽرنيٽ تي اچي ويون  هر اداري پهنجي ويب سائيٽ ٺاهي هر قسم جي معلومات انٽرنيٽ تي اچي وئي  ان کان علاوه سوشل نيٽ ورڪس ٺهيا ۽ ان شعبي ۾ اڃا بہ ڏينهون ڏينهن ترقي ٿيندي پئي وڃي .ان ترقيء جي طوفان ۾ هاڻي اچو تہ سنڌ جي موجوده تعليمي نظام تي نظر وجھون بدقسمتيء سان اسان وٽ اڃان ڏهاڪن کان پراڻو تعليمي نظام هلي رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪائي بہ جدت ۽ نواڻ نہ آئي آهي اسان جا تعليمي ادارا پرائمريء جي سطح کان وٺي مٿي تائين بنيادي جديد سهولتن  کان ئي محروم آهن هن وقت سڄي دنيا جي  ڪلاسن ۾ ملٽي ميڊيا پروجيڪٽر جو استعمال عام آهي ۽ هر تعليمي اداري ۾ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي سهولت هيٺين ڪلاسن کان ئي موجود آهي نئين ريسرچ ان ڳالھ کي ثابت ڪيو آهي تہ  آڊيو وڊيو جي ذريعي ڏنل ليڪچر سان شاگردن کي آسانيء سان سمجھائي سگھجي ٿو  پر افسوس جو ان طرف وڌڻ جي اسان شروعات بہ اڃان ڪو نہ  ڪئي آهي تعليم جو مقصد صرف انسان کي صحيح انسان بڻائڻ نہ پر ان کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي  هڪ اهڙو انسان بڻائڻ آهي جو هو جنهن بہ شعبي ۾ وڃي اتي پهنجون خدمتون  بهتر انداز ۾ ادا ڪري سگھي .ان لاء اسان کي پهنجو تعليمي نظام بہ جديد ڪرڻو پوندو هاڻي اچو تہ هڪ نظر اسان ان ڳالھ تي وجھون تہ جيڪڏهن اسان پهنجو تعليمي نظام جديد بڻائينداسين تہ شاگردن کي ڪهڙو فائدو ٿيندو هڪ فائدو تہ ان ۾ اهو آهي تہ آڊيو وڊيو ۽ انٽرنيٽ سان ڳالھ سمجھ ۾ جلدي اچي ٿي وڃي ۽  ويب سائيٽ شيئر ڪرڻ  سان شاگردن کي ريسرچ ڪري ٽاپڪ بابت معلومات حاصل ڪرڻي ٿي پئي ان سان انهن ۾ ريسرچ جو شوق بہ وڌندو ۽ انٽرنيٽ تي هر قسم جا ڪتاب ۽ ويب سائيٽس  موجود آهن هر قسم جون ڊڪشنريون موجودآهن  جڏهن شاگرد انهن جو مطالعو ڪندا تہ انهن جي اسٽيڊي ليول بہ وڌندي ۽ معلومات ۾ بہ اضافو ٿيندو پر سڀني ڳالهين جي باوجود مان جيڪو فائدو محسوس ڪريان ٿو اهو هي آهي تہ موجوده دور ۾ اسان جي نوجوان نسل جيڪا سڄو ڏينهن انٽرنيٽ تي سوشل نيٽ ورڪس ۽ فِضول جي انٽرٽينمينٽ تي ويٺي آهي اها نسل پڙهائيء جي طرف وڌندي جڏهن شاگردن کي اسائمينٽس ڪمپيوٽر تي حل ڪرڻ لاء ڏنيون وينديون تہ انهن کي انٽرنيٽ تي ويهي اسائمينٽس حل ڪرڻ ۽ ريسرچ جو موقعو ملندو ۽ اهڙي طرح انهن جي موجوده فضول عادت مان جان بہ آجي ٿيندي ڇو تہ انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر جو اصل مقصد بہ اهو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان کي ان ئي مقصد لاء استعمال ڪيو ٿو وڃي .

هاڻي اچو تہ ان ڳاله تي نظر وجھون تہ ان سان شاگردن کي مستقبل ۾ ڪهڙو فائدو ٿيندو هن وقت دور ڪافي تبديل ٿي چڪو آهي ۽ نوڪريء جي اشتهار کان وٺي اپلاء ۽  ٽيسٽ تائين سڄو پروسس اليڪٽرانڪ فارم ۾ ٿي رهيو آهي ۽ اڪثر ڪري نوڪريء جي لاء ٿيندڙ امتحان جي تياري بہ  اڄ ڪالھ انٽرنيٽ تي ٿي رهي آهي تہ جديد تعليم ڏيڻ سان هڪ تہ شاگردن کي مستقبل ۾ تمام گھڻو فائدو ٿيندو ۽ ان سان اسان جي ملڪ کي بہ تمام گھڻو فائدو ٿيندو هن وقت سڄي پاڪستان جا ادارا ڪمپيوٽرائيز ٿي رهيا آهن جهڙي طرح اسان جي ملڪ جو هڪ تمام اهم ادارو ڊي آر او نادرا ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ملڪ جي تمام ادارن يونيورسٽين بورڊس  پهنجي پراڻي ريڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيز ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ هن وقت اسان وٽ پراڻي فائل سسٽم جي جاء تي جديد ڪمپيوٽرائيز ڊيٽابيس  سسٽم آهي  تہ جديد تعليم وقت جي هڪ اهم ضرورت آهي جيڪڏهن اسان جديد تعليم يافتہ شاگرد پيدا ڪنداسين تہ  ان سان نہ صرف اسان جي ملڪ جي سمورن ادارن کي فائدو ٿيندو  بلڪہ سڄي دنيا کي فائدو ٿيندو  هن وقت دنيا هڪ گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي سڄي دنيا ۾ سمورا بزنس ۽ سروسز آن لائن آهن مثال جي طور تي هاڻي اسان گهر ويٺي نوڪري بہ ڪري سگھون ٿا هن وقت اسان لنڊن ۽ پيرس جي فلائٽ ۽ ريلوي جي ٽائمنگ پاڪستان ۾ ويهي ٻڌائي سگھون ٿا ۽ هر شعبي جي سروس اسان پاڪستان ۾ ويهي سڄي دنيا کي ڏئي سگھون ٿا تہ ان جي لاء اسان کي جديد تعليم جي تمام شديد ضرورت آهي ڇو تہ هن وقت سڄي دنيا  جو مڪمل نظام ڪمپيوٽرائيز ٿي ويو آهي  جيڪڏهن تبديل نہ ٿيو آهي تہ اهو آهي اسان جو پراڻو تعليمي نظام اسان جو هي پراڻو تعليمي نظام هن جديد دور جو مقابلو ڪو نہ ٿو ڪري سگھي تہ اسان سڀني کي ان باري ۾ ضرور سوچڻ کپي تہ جديد تعليمي نظام وقت جي تمام وڏي  ضرورت آهي          

ڪيترن ئي مهينن کان لاڙڪاڻي ۽ خيرپور پريس ڪلب جي اڳيان معذورن جو نوڪرين ۾ ڪوٽا نہ ملڻ جي خلاف احتجاج جاري آهي.پر افسوس جو هن وقت تائين اسان جي اعلي اختيارن مان ڪنهن بہ ان احتجاج  جو نوٽس ڪونہ ورتو آهي .۽ ڏينهون ڏينهن هي سماج جا ڌڪاريل   بيوس انسان هڪ ٻئي مايوسي جي  طرف تيزيء سان ڌڪجي رهيا آهن . ڏٺو وڃي تہ پاڪستان جي آئين ۾ معذورن جي 2 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ٿيل آهي پر افسوس جو ان ڪوٽا واري قانون تي سالن کان عمل ڪو نہ ٿي رهيو آهي ۽ ان جو نتيجو صاف ظاهر آهي تہ ڪيتري ئي عرصي کان وٺي پڙهيل لکيل معذور وڏي پيماني تي بيروزگاري جو شڪار ٿي رهيا آهن .معذور شخص جيڪي پهريان ئي محتاجي جي زندگي بسر ڪندا آهن انهن لا۽ هڪڙو ئي دروازو ڪوٽا سسٽم هو اهو بہ بند ڪيو ويو آهي .معذور انسان اڪثر ڪري پنهنجي گھر وارن جي مٿان بار ٿين ٿا ۽ وڌ کان وڌ انهن جي اها  ڪوشش هوندي آهي تہ هو پڙهائي پوري ڪري نوڪري حاصل ڪن ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي گھر وارن جي لاء سهارو بڻجن.پاڪستان ۾ معذورن جي تعليم جي لاء ڪافي ادارا بہ قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ هزارين معذور تعليم حاصل ڪن ٿا. انساني معذوري جا گھڻا ئي قسم ٿين ٿا جن ۾ نابين گھونگا ٻوڙا جسماني ۽ ذهني معذوري شامل آهي معذور انسانن کي الله تعالي تمام گھڻين خوبين سان نوازيو آهي ۽ هو تعليم هنر ۽ ٻين ڪمن ۾ عام انسانن کان هرگز گھٽ ڪو نہ ٿين ٿا.۽ مختلف قسم جي معذورن ۾ مختلف قسم جون خوبيون ڏٺيون ويون آهن جن ۾ گونگا ۽ ٻوڙا هنري ۽ ٽيڪنيڪل ڪمن ۾ اڳرا آهن ۽ نابين انسان هڪ تمام سٺي ذهن جا مالڪ ٿين ٿا ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ ٻين کان اڳرا آهن.اهڙي طرح سان جسماني معذور انسان بہ عام انسانن وانگر هر ڪم سر انجام ڏئي سگھن ٿا .مان جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هيس تڏهن اتي هڪ معذور شاگرد  ۽ منهنجو دوست نثار احمد جوڻيجو بہ پڙهندو هو ۽ هاسٽل ۾ مون سان گڏ رهندو هو ۽ هو تمام هوشيار ۽ سٺي ذهن جو مالڪ هو ۽ ان تمام سٺِي نمبرن ۾ ڊگري پڻ حآصل ڪئي .پر افسوس جو هو پاس آئوٽ ٿيڻ کان بعد پنهنجو حق  ڪوٽا تحت نوڪري حاصل ڪرڻ  جي لاء پنهنجي معذور دوستن سان گڏ  گذريل ٻن مهينن کان لاڙڪاڻيِ پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال تي ويٺل آهي.اچو تہ هاڻي ان مسئلي تي روشني وجھون تہ آخر معذورن کي ڪوٽا تحت نوڪريون ڇو ڪونہ ٿيون ملن . اسان سڀني کي خبر آهي تہ اسان وٽ نوڪرين ۾ ڀوتار ڪلچر رهيو آهي ۽ هتي نوڪريون ميرٽ جي بجاء سفارش ۽ پيسي تي ڏنيون وينديون آهن هن وقت بہ موجوده گورمنٽ لکن جي تعداد ۾ نوڪريون سفارش ۽ پيسي تي ڏنيون آهن .۽ ان ڪلچر جي ڪري ئي اقليتي ڪوٽا ۽ معذور ڪوٽا کي مسلسل نظر انداز ڪيو پيو وڃي .۽ غريب معذور جيڪي پنهنجو پيٽ پالڻ کان ئي هلاڪ ٿين ٿا اهي ويچارا سفارش ۽ پيسو نہ هئڻ جي ڪري پنهنجو حق وٺڻ کان قاصر آهن .جي اگر ڪوٽا تي عمل ٿئي تہ پوء هزارين معذورن کي نوڪريون ملي سگھن ٿيون ۽ تقريبا سڀئي پڙهيل لکيل معذور نوڪرين سان لڳي سگھن ٿا.جيڪو انهن جو حق بہ آهي ۽ ان جو ٻيو هڪ اهم فائدو اهو بہ ٿيندو تہ گھڻا کان گھڻا معذور تعليم جي طرف ايندا ڇو جو هن وقت گھڻن ئي معذورن جي مائٽن پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي ڇو جو انهن کي هي هڪ وقت ئي پيسي جو ذيان لڳي رهيو آهي اهي ڇو تہ جڏهن هو  پنهنجو پيٽ ڪاٽي پنهنجي ٻچن کي پڙهائن پيا ۽ بدلي ۾ آخر بيروزگاري انهن جو مقدر بڻجي پئي. ان جي ڪري اهي پنهنجا ٻار پڙهائن ئي ڪو نہ پيا جيڪو هڪ تمام وڏو الميو آهي ۽ اڪثر معذور آخر ۾ پنڻ تي مجبور ٿين ٿا.۽ آخر ۾ مان ڪجھ حڪومت کي  معذورن جي ڀلائي لاء ڪجھ تجويزون پيش ڪندس .

پهريان تہ معذورن جي لا۽ مقرر ٿيل ڪوٽا کي يقيني بنائڻ گھرجي ۽ جيڪي بہ سرڪاري نوڪريون ڏنيون ويون آهن انهن جي ريڪارڊ مان معلوم ڪجي تہ معذورن کي ڪيتريون نوڪريون ڏنيون ويون آهن ۽ اگر انهن سان انصاف ڪو نہ ڪيو ويو آهي تہ انهن کي پنهنجي ڪوٽا تحت نوڪريون ملڻ کپن

سرڪاري کاتن کان علاوه پرائيويٽ ۽ نيم سرڪاري ادارن کي بہ ان ڳالہ جو پابند ڪجي تہ اهي معذور ڪوٽا مقرر ڪن ۽ انهن تي عمل ڪن.

ان کان علاوه معذورن جي تعليمي ادارن کي بہ ترقي وٺرائجي جيڪي هن وقت مجموئي طور تي پوئتي پيل آهن ۽ انهن کي بين اقوامي طرز تي ترقي وٺرائجي جيئن سڌريل ملڪن ۾ اهي ڪم ڪري رهيا آهن ان سان اسان کي هڪ بهتر پڙهيل لکيل ۽ ويل ٽرينڊ ملازم ملندا ۽ معذورن کي اسڪالرشپ بہ ڏني وڃي جيئن اهي پنهنجي تعليم پوري ڪري سگھن .انهن تجويزن تي اگر عمل ڪيو وڃي تہ مان سمجھان ٿو تہ معذورن جي فلاح جو هڪ بهتر ڪم ٿي سگھي ٿو پر هاڻي ڏسڻو هي اهي تہ ڇا حڪومت معذورن سان انصاف ڪندي.

    Read the rest of this entry »

                  

انسان جي اندر ۾ ماضي کان وٺي ئي ٻين انسانن سان تعلق رکڻ هڪ فطري عمل آهي ۽ هر انسان پنهنجي نظريعي پنهنجي خيالات کي ٻين انسانن تائين پهچائڻ  چاهيندو آهي .انهي فطري عمل جي ڪري ئي انساني ٻوليون وجون ۾ آيون ۽ لکڻ ۽ پڙهڻ جو علم بہ انهي فطري عمل جي ڪري وجود ۾ آيو .اڳتي هلي ڪري جڏهن انسان مهذب ٿيو تڏهن هن ان عمل کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ڪنهن شخص يورپ جي مشهور فلاسافر  پروفيسر جوڊ کان انسان جي مهذب هجڻ جي وصف پڇي تہ ان تمام سهڻن لفظن ۾ ان کي جواب ڏنو تہ سهڻن ۽ خوبصورت شين جي تعمير خيال جي آزادي نين شين جي ڳولا جو ذوق ۽ شوق پاڻ ۾ گڏجي زندگي گذارڻ  جي اصولن تي عمل ڪن اهو انسان جو مهذب هجڻ آهي مطلب تہ نواڻ آڻن انسان جي فطرت ۾ سمايل هڪ جز آهي ايئن ئي انسانن هڪ ٻئي کي خط لکڻ شروع ڪيا ۽ پاڻ ۾ ڪيل رابطي کي مضبوط ڪيو پر اڳتي هلي  معلومات کي عام ڪرڻ لاء انسانن کي ٻين ايجادن جي ضرورت پئي ۽ انسان پٿر جي  ڪتبن تي لکڻ شروع ڪيو دنيا ۾ سڀ کان پراڻا ڪتب اسان کي دنيا جي پهرين تهذيب بابل ۾ ملن ٿا بابل جي تهذيب انسانن جي سڀ کان پهرين تهذيب آهي جيڪا اڄ کان 5000 سال پهريان فرات ندي تي قائم هئي ان تهذيب ۾ آسان کي سڄي شهر جي مک چوراهن تي پٿر تي سنگتراشي ٿيل ڪتبا مليا آهن جن تي ان زماني جي بادشاه جا حڪم ۽ قانون موجود آهن .ان مان صاف شاهدي ملي ٿي تہ دنيا  ۾  ڪهڙي طرح سان انسانن پنهنجو پيغام ٻين تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا  جو سهارو ورتوهاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ ميڊيا اسان ڇا کي چوندا آهيون ميڊيا جي وصف آهي .تہ ڪائي بہ معلومات يا ڊيٽا اسان ڪنهن مخصوص اوزارن جي ذريعي ٻين تائين پهچائون مطلب تہ ميڊيا جو لفظ خاص ڪونہ آهي پر هي لفظ عام آهي ۽ هر دور ۾ ميڊيا رهي آهي پر هن پنهنجا اوزاروقت ۽ حالتن آڌار بهتري آڻي  تبديل ڪيا آهن .۽ سوشل ميڊيا جي وصف هي آهي تہ هي هڪ سماجي تعلقات جي ميڊيا آهي .اڄ ڪالہ دنيا ۾ 3 وڏن قسمن جون ميڊيائون موجود آهن

1 پرنٽ ميڊيا 2 اليڪٽرانڪ ميڊيا 3 سوشل ميڊيا     پر هن

وقت سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا جو زور شور لڳو پيو آهي ۽ هر طرف فيس بوڪ  ۽ ٽيوٽر جي يلگار لڳي پئي آهي هن ۾ دوستي تبصرا تجزيا ڇا نہ آهي مطلب تہ انساني زندگي ۾ هڪ نئون ڪلچر ايجاد ٿي چڪو آهي .موجوده سوشل ميڊيا سالن جي ميڊيا تي ڪيل محنت جو نتيجو آهي پهريان ڪنهن دور ۾ اخبارن ۽ رسالن مطلب پرنٽ ميڊيا جو تمام وڏو عروج هوندو هيو پر پوء اليڪٽرانڪ ميڊيا بہ پنهنجي جاء ٺاهي پر هاڻي ان جي جاء تي  سوشل ميڊيا اچي وئي آهي .موجوده سوشل ميڊيا ۾ جدت ۽ نواڻ تڏهن آئي جڏهن آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي جي هڪ  شاگرد مارڪ زوڪربرگ فيبروري 2004 ۾ پنهنجي روم ميٽ ۽ يونيورسٽي جي شاگردن جي مدد سان فيس پوڪ ايجاد ڪيو پهريان فيس بوڪ صرف يونيورسٽي جي شاگردن تائين محدود هيو ۽ صرف انهن کي ئي ميمبر شپ ڏني ويندي هئي پر بعد ۾ ٻين يونيورسٽين ۽ اسڪولن لاء ان کي کوليو ويو ڏسندي ئي ڏسندي لکين شاگردن ان سائٽ جا ميمبر بڻيا ۽ هن وقت هي دنيا جي سڀ کان وڏي سوشل ميڊيا سائٽ بڻجي چڪي آهي آمريڪا جي آبادي جي 41.6 سيڪڙو ماڻهن کي فيس بوڪ اڪائونٽ آهي ۽ سموري دنيا ۾ فيس بوڪ استعمال ڪندڙ ماڻهن جو تعداد هڪ ارب آهي جن ۾ 50 ڪروڙ ماڻهون فيس بوڪ کي موبائل تي استعمال ڪن ٿا.دنيا ۾ سوشل ميڊيا جي ٻئي وڏي سائٽ ٽويٽر آهي جنهن کي مارچ 2006 ۾ آمريڪا جي ويب ڊوليپر جيڪ ڊورسي وجود ۾ آڻيو هن وقت دنيا ۾ 50 ڪروڙ ٽويٽر جا يوزر آهن ۽ 30 ڪروڙ 40 لک ٽويٽس ميسيج هڪ ڏينهن ۾ ٿيندا آهن ٽوٽس جو مطلب آهن 140 اکر ٽويٽر ۾ توهان 140 اکرن تي مشتمل ميسيج ڏئي سگھو ٿا.سوشل ميڊيا ۾ تمام گھڻي ڪشش ۽ جدت آهي ۽ هي ميڊيا هر شخص کي پنهنجي خيالات کي شيئر ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي جنهن ۾ ڪائي بہ ڪنهن تي پابندي ڪو نہ آهي .هاڻي ماڻهن جي ذهني اوسر ۽ شعور ۾ ڪافي اضافو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اهي الميا اهي ڳالهيون پهريان جيڪي  ظاهر ڪونہ ٿيندا هئا  اهي بہ هر ڪنهن جي نظر ۾ اچن پيا سوشل ميڊيا هر قسم جي رياستي ۽ عالمي دٻاء کان پاڪ آهي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي حڪومت سنسرشپ لاڳو ڪري ۽ ٻين قانوني طريقن سان دٻاء وجھي سگھي ٿي پر سوشل ميڊيا ان کان بہ آجي آهي .انهيء جي ڪري اها اڄ ڪالہ سڄي دنيا ۾ وندر تفريح معلومات شعور ۽ ڪميونيڪيشن جو سبب ٻڻجي چڪي آهي .۽ ماڻهون سڄي دنيا ۾ پنهنجا خيالات ۽ معلومات ٻين تائين شيئر ڪري رهيا آهن عرب ملڪن ۾ تہ سوشل ميڊيا انقلابي ڪردار ادا ڪري چڪي آهي .پر دنيا ۾  جتي هن وقت سوشل ميڊيا غريب محڪوم ۽ مظلوم قومن جي ترجمان آهي اتي هن وقت سنڌي بہ ڪنهن کان پوئتي ڪونہ آهن ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ذيادتين ناانصافين تي وڏي پيماني تي سوشل ميڊيا تي بحث هلي رهيا آهن ۽ عام ماڻهن ۾ وڌ کان وڌ شعور آڻڻ جي ڪوشش جاري آهي .هن وقت سنڌ جي اسڪولن ڪاليجن تعليم ادب آرٽ سماجيات ۽ هر شعبي تي فيس بوڪ تي هزارين پيج ۽ گروپ بڻجي چڪا آهن ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا بہ فيس بوڪ تي اچي ويون آهن اسان جي اخبار عبرت بہ فيس بوڪ تي موجود آهي .هن وقت فيس بوڪ تي 4 ڪروڙ 20 لک پيجز آهن ۽ فيس بوڪ  گروپ جي تعداد 5 ڪروڙ 20 لک آهي ۽ ان ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي هن وقت جتي سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا تبديلي ۽ انقلاب جي اهڃاڻ سمجھي ٿي وڃي اتي مون کي مستقبل ۾ پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ اميد جو ڪرڻو نظر اچي رهيو آهي .هن وقت پاڪستان ۾ 75 لک 88 هزار فيس بوڪ استعمال ڪندڙ آهن جيڪي پاڪستان جي آبادي جو 4.2 سيڪڙو آهن .پر ان ۾ گھٻرائڻ جي ڪا ڳالہ ڪونہ آهي پاڪستان ۾ وڏي تيزي سان سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي .۽ مستقبل اڃا وڌيڪ روشن آهي پر ضرورت ان ڳالہ جي آهي تہ اسان سڀ سوشل ميڊيا کي  تعميري ۽ اخلاقيات لاء ڪتب آڻيون.۽ سوشل ميڊيا کي شعور تعليم ۽ معلومات جو وڌ کان وڌ ذريعو بڻايون .هن وقت اسان سوشل ميڊيا تي سنڌي ادب کي اڳتي وڌائي سگھون ٿا معاشري ۾ اصلاح آڻي سگھون ٿا ۽ سنڌ جو ڪيس بہ اسان وڙهي سگھون ٿا تہ پوء ڇو نہ اسان سوشل ميڊيا کي معاشري ۾ ٿيندڙ ناانصافين ڏاڊ تشدد جي خلاف استعمال ڪيون مون کي اميد آهي تہ اهو فرض اسان ضرور پورو ڪنداسين جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي سوشل ميڊيا جو ماضي بهترين حال زبردست ۽ مستقبل تمام روشن آهي . 

تعليم انسان جي ٽرين اک آھي بدليل دور ء حالتن ۾ انسان علم کان سواء بيڪار آھي سڄي دنيا ۾ نيون نيون ايجادون ٿئي رھيون آھن

ء دنيا ھڪ گلوبل وليج بڻجي چڪي آھي بدليل دور ۽ حالتن ۾ ھاڻي اچوتہ سنڌ جي تعليم تي ھڪ نظر وجھون .ھن وقت سنڌ جي تعليم ڇا آھي ويران اسڪول ۽ ڪاليجون سڄو علم ڪاپيء جي نظر ھن وقت اسان جيڪا تعليم سان ويڌن ڪئي آھي ان جو بنيادي سبب اھو آھي تہ ھر ھڪ جي ان سسٽم ۾ جان آجي آھي استادن جي بہ ۽ شاگردن جي بہ ۽ مائٽرن جي بہ  استادن کي خبر آھي تہ پڙھايون يا نہ ڳالھ ساڳي آھي ڪھڙو فائدو ان پڙھائڻ کان تہ بھتر آھي تہ وڃي ٻيوڪو ڪم ڪار ڪجي يا اسڪول وڃ جي ئي نہ نوڪري سرڪاري پگھار سرڪاري  سا پئي ملندي .۽ شاگردن جو موقف ان ماملي ۾ اھو آھي تہ اسڪول وڃون يا نہ وڃون ڳاله ساڳي آھي استاد پڙھائن ڪونہ ٿا ۽ وري ھونئن بہ ڪاپي زنده باد ڪھڙو اسڪول نہ وڃڻ سان اسان جو امتحان جو فارم رد ٿيندو يا وري اسان کي امتحام ۾ نہ ويھڻ ڏيندا بدقسمتي سان اھا ويڌن سرڪاري اسڪولن ۾ آھي اسان جا پرائيويٽ ادارا ان ويڌن کان بچيل آھن جتي مائٽ ڪجھ روپيا ڀرن ٿا تہ انھن کي اھو احساس ٿئي ٿو ۽ ھاڻي اچو تہ مائٽرن ۽ سول سوسائٽئ تي ھڪ نظر وجھون حقيقت اھا آھي تہ اسان تعليم جو اصل مقصد سمجھي ئي نہ سگھيا آھيون اسان وٽ تعيم ھڪ شعور جو نالو نہ آھي بلڪ نوڪري وٺڻ جو نالو آھي  شروع کان وٺي اسان اھا ڳالھ ڪندا آھيون تہ جيڪڏھن پڙھندين نہ تہ نوڪري ڪٿان ملندئي اسان جي سول سوسائٽي ھن وقت نوڪرين جو حال ڏسي ۽ ماحول ڏسي ھر شيء ٺيڪ آھي چئي بس ڪري ويھي رھي آھي جڏهن انهن جي مٿي تي ڪائي پريشاني ئي ڪان آھي ۽ شاگردن تي بہ تہ هو ڇو ڪجھ ڪندا مثال جي طور تي جڏھن مفت ۾ ٻار اسڪول ۾ پاس ٿين پيا تہ هو ڇو اعتراض ڪندا .هاڻي اچو تہ  ان معاملي سان پيدا ٿيندر نقصانن جو جائزو وٺون جيڪڏھن اسان سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ناانصافين جي باري ۾ سوچون تہ ڪاٿي نہ ڪاٿي وڃي اسان انهيء تعليم جي تباهي طرف ئي اينداسين علم ھڪ نئين سوچ کي جنم ڏيندو آھي ھڪ نئون شعور انسان جي اندر ۾ پيدا ٿيندو آھي ڪٿي نہ ڪٿي اسان کٽل آھيون جو اسان پهنجي تعليم کي تباھ ڪيو آهي ھن ڪاپي ڪلچر ۽ ميرٽ جي قتل عام ۾ ڀلا علم ڪيڏانهن وڃي اسان جا اسڪول خاص ڪري  سرڪاري اسڪول جتي غريب ٻارڙا علم پرائن ٿا تباھ پيا ٿين ۽ ڪي تہ بند پيل آھن ۽ يونيورسٽين جو حال اهو آهي جو اتي ڪا بہ نئين کوجنا ۽ تحقيق ڪان پئي ٿئي ۽ هڪ مخصوص سيليبس پيپر نڪرڻ جِهڙو پڙهايو پيو وڃي . نئين ۽ بدليل دنيا سان ڇا اسان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي هلڻ جهڙا آهيون تہ جواب ملندو بلڪل بہ ڪونہ .سڄي دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالجي انٽرنيٽ حيران ڪن حد تائين نوڪرين ۽ تعليم جي ذريعن کي بدلائي ڇڏيو آهي .هاڻي توهان سڄي دنيا ۾ جتي چاھيو گھر ويٺي نوڪري ڪري سگھو ٿا ۽ پڙهي بہ سگھو ٿا هاڻي دنيا ۾ ڪافي اهڙا ادارا آهن جيڪي آن لائن ايجوڪيشن آفر ڪن ٿا ۽ انهي طرح آن لائن جاب بہ آمريڪا ۾ فلائٽ ۽ ريلوي جي ٽائمنگ اسان پاڪستان ۾ ويهي ڏئي سگھون ٿا ۽ هتي اهڙا ڪال سينٽر آهن بہ جيڪي اهو ڪم ڪن ٿا ۽ اهڙي طرح ڪتابن ۽ ريڪارڊ جي ڊيٽا انٽري پڻ آن لائن ڪري سگھجي ٿي بلڪہ هاڻي تہ هر فيلڊ انٽرنيٽ جي وسيلي سان پهنجو بزنس وڌائي  پئي ڊاڪٽر سڄي دنيا ۾ آن لائن

چيڪ اپ ڪن ٿا انجينئر آرڪيٽيڪٽ سڄي دنيا ۾ پهنجون آن لائن سروسز ڏين پيا ۽ ٻيا بہ اهڙا ڪافي فرمز آهن مثال جي طور تي ڪجھ عرصو پهريان مهنجو اسلام آباد وڃڻ ٿيو اتي ڪجه مولوي حضرات آن لائن قران پاڪ پڙهائي رهيا هئا ۽ انهن جا ڪسٽمر سڄي دنيا ۾ هئا ۽ تمام بهترين رقم ڪمائي رهيا هئا ۽ اهو بہ تمام گهٽ سيڙپ ۾ صرف هڪ ڪمپيوٽر ويب ڪيم ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي  اهري طرح اسان بہ انٽرنيٽ تي سنڌي اردو ۽ ٽيوشنز پڙهائي سگھون ٿا ۽ هر قسم جي سروس ڏئي سگھون ٿا ۽ سڄي دنيا هن وقت چاهي پئي تہ اسان مختلف سروسز انڊيا ۽ پاڪستان کان وٺون ان جو بنيادي سبب هي آهي تہ اسان جي ڪرنسي گھٽ آهي ۽ سموري دنيا کي هتان سروس وٺڻ سستي ٿي پوي ان جو مثال انڊيا ۽ پاڪستان ۾ موجود سافٽ ويئر هائوسز ۽ ڪال سينٽر آهن .هن وقت انڊيا تہ ان شعبي ۾ پوري صنعت کي ڊيولپ ڪري چڪو آهي ۽ ساڳي وقت پاڪستان م بہ ان شعبي ۾ ڪم ٿي رهيو آهي پر ضرورت آهي اسان کي اڃان اڳتي وڌڻ جي جيئن اسان هر شعبي ۾ پهنجون سروسز ڏئي سگھون ۽ هن وقت اسان پوري دنيا ۾ آئيڊيل آهيون پر ان جي لاء اسان کي پهنجي تعليم کي بہ بين الاقوامي ليول جو بنائڻو پوندو ۽ هن وقت جيڪا اسان جي حالت آهي اها هي آهي تہ اسان ٻين صوبن کان بہ تعليم ۾ پوئتي آهيون تہ هن وقت اسان جي لاء چئلنجز وڌي رهيا آهن پهريان اسان لاء ملڪي چئلنجز هئا پر  هن وقت بين الاقوامي چيلنجز آهن ايترن وڌندڙ چئلنجز ۾ اسان اڳتي وڌڻ جي بدران پوئتي وڃي رهيا آهيون  اسان وٽ حالت هي آهي تہ يونيورسٽيون ٻہ ٻہ  مهينا بند آهن  ۽ ڪوئي پڇڻ وارو ئي نہ   آهي اسان سمورن کي ان باري ۾ ضرور سوچڻ کپي ڪنهن شاعر ڪهڙو نہ بهترين شعر چيو آهي

علم سان پيار مهنجو آ                        

قلم هٿيار مهنجو آ                         

ڪري علم حاصل سمجھو تہ ڄڻ                  

سڄو سنسار مهنجو آ                          

 

 

Shoaib_383@yahoo.com

Welcome to WordPress.com! This is your very first post. Click the Edit link to modify or delete it, or start a new post. If you like, use this post to tell readers why you started this blog and what you plan to do with it.

Happy blogging!